مير فخرالدين علوي شڪارپوري

مير فخرالدين علوي شڪارپوري : شڪارپور جي هيءَ مشهور شخصيت ٽالپرن ۽ انگريزن جي دور ۾ ٿي گذري آهي. هي مشهور بزرگ، نقشبندي طريقي جي مرشد، فقيه، محدث ۽ استاد العلماءَ الحاج الله علوي'>فقير الله علوي جو پوٽو ۽ مولانا حفيظ الله علويءَ جو پٽ هو. هي وڏو عالم، اديب، مدرس هجڻ سان گڏ هڪ تجربيڪار طبيب پڻ هو. تذڪره لطفيءَ جو مؤلف لکي ٿو ته: ”مير رستم خان ٽالپر، مير فخرالدين علويءَ کي وڏي عزت ڏيندو هو. انگريزن سنڌ تي حڪمراني قائم ڪرڻ کانپوءِ سر چارلس نيپئر به سندس اهائي عزت قائم رکي. ڪجھه وقت مير علي مراد خان ٽالپر جو وزير به ٿي رهيو. کيس ڪتابن سان ڏاڍي محبت هوندي هئي. علوي ڪتب خانو سندس علمي ذوق جو مثال آهي. مير فخرالدين علوي پنهنجي وڏن جي قائم ڪيل ‘علوي درسگاهه’ ۾ ديني علمن جو درس ڏنو، جنهن مان ڪيترن طالبن، مريدن ۽ عقيدتمندن استفادو حاصل ڪيو. هن 1854ع ۾ وفات ڪئي. هو پنهنجي دور جو سٺو شاعر به ٿي گذريو آهي. (تذڪره لطفي، ڀاڱو ٻيو، ص 101-102)


هن صفحي کي شيئر ڪريو